سردار احمد شاهه لڪياري

سردار احمد شاهه لڪياري

سردار احمد شاهه لڪياري

سردار احمد شاهه لڪياري: احمد شاهه لڪياري'>سردار احمد شاهه لڪياري 1922ع ڌاري سيد بقادار شاهه جي حويليءَ ۾ جنم ورتو، شاهه صدر علي مڪي سندس ڏادو هو. هي پاڻ ۾ ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀينرون هئا، پر هي سڀني کان سادو ۽ ماٺيڻو هو. سردار علي شاهه جي پيدائش کانپوءِ 5 سال سندس زبان بند هئي ۽ ماڻهو کيس گونگو سڏيندا هئا، پر سندس والده هن لاءِ دعائون گھرندي هئي ۽ پوءِ انهن دعائن جي اثر سان هي بهتر ٿيڻ لڳو. سندس وڏا ڀائر کانئس الڳ هئا، پر پاڻ والدين سان گڏ رهي انهن جي دل و جان سان خدمت ڪيائين. پاڻ پنج درجا پرائمري پڙهيو، جنهن کانپوءِ مال چارڻ شروع ڪيائين ۽ بعد ۾ ٻني ٻارو سنڀالڻ لڳو. هو اڪثر ڪري هر ڪنهن کي سچ منهن تي چئي ڏيندو هو. پاڻ هڪ هندوءَ سان گڏ رهڻ لڳو، ٺاڪر ڏنو مل نالي اهو هندو تمام سادو ماڻهو هو ۽ تصوف سان سندس لڳاءُ هو. سردار شاهه ان هندوءَ سان گڏ راتين جون راتيون ڪچهريون ڪندو هو. 1940ع کانپوءِ سندس لاڙو شاعريءَ طرف ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ حڪمت به سکڻ لڳو. ڪجھه عرصي بعد ڊاڪٽر خدا ڏني عباسي ۽ ڊاڪٽر منگھارام ميرچنداڻيءَ جي مدد سان انگريزي دوائن جي ڏيتي ليتي ۽ استعمال به سمجھي ورتائين، ان کانپوءِ حڪمت ۽ شاعري گڏوگڏ هلنديون رهيون.
سردار احمد شاهه لڪياري موسيقيءَ جو به گھڻو شوقين هوندو هو ۽ هر مهيني جي چوڏهين تاريخ تي ڳوٺ مهر شاهه ۾ محفل ڪـرائيـندو هـو، جـنهـن ۾ فقـيـر فـقـراءَ ۽ فنڪار عبد علي فقير، فقير واحد بخش خاصخيلي، مرحوم ڦوٽو زرداري، دلاور خاصخيلي، غلام جعفر زرداري، ڄام زرداري، ماسٽر محمد جمن گراڻو، ابراهيم فقير، فقير سائينداد رند، ڪريم داد رند، پيار علي جمالي، غلام علي زرداري ۽ ٻيا اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي صوفياڻو راڳ چوندا هئا. سندس محبتن جو اهو ميلو اڃا تائين سندس فرزند قائم رکيو اچي ٿو.
سردار احمد شاهه 1949ع ۾ سيد ميرل شاهه جي گھر حيدرآباد مان شادي ڪئي، جيڪي اصل ۾ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ اميناڻيءَ جا لڪياري سادات هئا، جتي اڄ به سندس عزيزن جون حويليون موجود آهن.
سردار علي شاهه لڪياري نهايت ئي سخي ۽ نيڪ انسان هوندو هو. قومپرست سياستدان جي. ايم سيد ۽ پير پاڳاري سيد شاهه مردان شاهه سان سندس سٺا تعلقات هئا.
سردار علي شاهه لڪياريءَ جي شاعري سندس فرزندن سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ رسالي ’فقر و گنج لڪياري‘ جي نالي سان 2001ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن ۾ ڪلام جي ترتيب شاهه لطيف جي رسالي وانگر رکي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو طريقت ۾ پاڻ شاهه لطيف جو پوئلڳ هو.
سردار احمد شاهه لڪياري 23 شوال / 10 فيبروري 1999ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي اتر ۾ نيو سعيدآباد کان 2 ڪلوميٽر اڳتي سندس ڳوٺ ۾ آهي.
سندس وفات کانپوءِ سندس درگاهه جو گادي نشين سندس فرزند محبوب علي شاهه لڪياري، هر مهيني جي چوڏهين تاريخ تي ڄامشوري ۾ سندس تڪيي تي به محفل ڪرائيندو آهي.


لفظ سردار احمد شاهه لڪياريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1999.02.10  عيسوي

سردار احمد شاهه لڪياري 23 شوال / 10 فيبروري 1999ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي اتر ۾ نيو سعيدآباد کان 2 ڪلوميٽر اڳتي سندس ڳوٺ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي سيد غلام شبير شاهه
ڏيرو عبدالڪريم
قادرداد خان پٺاڻ
ڄاموٽ سيد حسن علي
رهي رسول بخش
خانبهار احمد خان ڀٽو
ديبلي ابو جعفر محمد بن ابراهيم
آسن داس
آصف نواز جنجوعا
فيروز شاهه تغلق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون